ديوان گل بخاري

ديوان گل بخاري (ڪتاب): هيءَ ديوان ناليواري اديب سيد گل محمد شاهه بخاريءَ جي غزليه شاعريءَ تي سنڌي الف ب جي 52 اکرن تي مشتمل ديوان آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مروج اُچارن موجب 70 رديف ترتيب وار ڏنا ويا آهن. هيءُ ديوان سنڌي الف- ب موجب فني حوالي سان پهريون سنڌي ديوان آهي. هن ديوان ۾ هڪ نظم به آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي 153 شهرن ۽ علائقن جا نالا ڏنا ويا آهن. هن ديوان جو مقدمو ڪهنه مشق شاعر سيد اظهر گيلانيءَ لکيو آهي. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي سنڌي ادبي سوسائٽي، شهدادڪوٽ، 1995ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو